ايم ڪيو ايم اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو، گهرو وزارت ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) ذريعن جي دعويٰ آهي ته صولت مرزا جي الزامن کانپوءِ وفاقي گهرو وزارت، ايم ڪيو ايم  رابطا ڪميٽي جي  حيدرعباس رضوي، بابر غوري، عامر خان، خالد مقبول صديقي، وسيم اختر ۽ ٻين اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل  ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گهرو وزارت ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي گورنر کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. گهرو وزارت ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي حيدرعباس رضوي، خالد مقبول صديقي، وسيم اختر، عامر خان، فيصل سبزواري ۽ واسع جليل جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا، ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته گهرو وزارت ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ جي گورنر عشرت العباد کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، نجي ٽي وي موجب وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ان افواهن کي رد ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن جا نالا اي سي ايل ۾ شآمل ڪرڻ جو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو، . ڦاهي جي منتظر صولت مرزا گذريل رات وڊيو پيغام ۾ چيو هو ته هن الطاف حسين جي چوڻ تي ڪي اي ايس سي جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد کي قتل ڪيو  ۽ اهو منصوبو بابر غوري جي گهر تي جوڙيو ويو هو. صولت مرزا چيو هو ته ايم ڪيو ايم جي سينئر اڳواڻ عظيم طارق کي به الطاف حسين جي چوڻ تي قتل ڪيو ويو. صولت مرزا سنڌ جي گورنر ۽ ٻين اڳواڻن تي  به الزام مڙهيا هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *