ائيرچيف مارشل سهيل امان باضابطه هوائي فوج جي سربراهه جي ڪمان سنڀالي ورتي

اسلام آباد (بيورو)  ايئر چيف مارشل سهيل امان باضابطه هوائي فوج جي نئين سربراهه جي ڪمان سنڀالي ورتي آهي، رٽائرڊ ٿيل ايئر چيف مارشل طاهر رفيق بٽ ڪمان سندس حوالي ڪئي. ايئر هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ هوائي فوج جي  سربراهه جي ڪمان جي تبديلي واري تقريب ٿي، جنهن دوران رٽائرڊ ٿيل هوائي فوج جي سربراهه طاهر رفيق بٽ کي گارڊ آف آنر ڏنو ويو. طاهر رفيق بٽ نئين ايئرچيف مارشل کي بيچ لڳائڻ بعد هوائي فوج جي سربراهه جي ڪمان سهيل امان حوالي ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي طاهر رفيق بٽ چيو ته 3 سال سندس لاءِ چيلينجز وارا هئا پر ساٿين جي رهنمائي کانسواءِ خدمتون انجام ڏيڻ ممڪن نه هو،حدف حاص ڪرڻ لاءِ حڪومتي سهڪار جو به هو ٿورائتو آهي. طاهر رفيق بٽ چيو ته ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو سڪيورٽي آهي، جنهن کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن، ملڪ جو دفاع هوائي فوج جي اولين ترجيح آهي. طاهر رفيق بٽ جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هوائي فوج جو ڪردار انتهائي اهم آهي، آپريشن ضرب عضب ۾ به هوائي فوج پاڻ مڃرايو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج منتظم ادارو آهي، ٻاهرين للڪارن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا. طاهر رفيق بٽ اهو به چيو ته هوائي فوج کي جديد ٽيڪنالوجي سان ليس ڪيو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *