ايف سي آر جي خلاف جماعت اسلامي جي جدوجهد جاري رهندي: سراج الحق

باجوڙ ايجنسي (اين اين آءِ) امير جماعتي پاڪستان سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ايف سي آر جي خلاف جماعت اسلامي جي جدوجهد جاري رهندي، وفاقي حڪومت وڌيڪ دير نه ڪري، فوري طور تي آزاد عدليا جي دائري کي قبائلي علائقن تائين وڌائڻ لاءِ سينيٽ ۾ بل پيش ڪيو وڃي، اهڙن خيالن جو اظهار هن باجوڙ جي هڪ ڏينهن واري دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، دوري دوران هن سول آفيسرن سان ملاقاتون پڻ ڪيون، ان موقعي تي سڄي ايجنسي جي جماعت اسلامي جا اڳواڻ پڻ موجود هئا، تفصيل موجب سومر تي سراج الحق باجوڙ ايجنسي جو دورو ڪيو جنهن ۾ مرحوم نائب امير جماعت اسلامي باجوڙ مولانا جان زمين، فاٽا جي صدر سراج الدين خان جي مامي عبدالرحمان ۽ باجوڙ محمد علي خان جي گهر واري لاڏاڻي تي فاتح خواني ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي هن چيو ته پارٽي جون مصروفتيون وڌي وڃڻ سبب بروقت جنازن ۾ حاضر نه ٿي سگهيس، هن چيو ته مولوي جان زمين جماعت جو سرمايو هو، هن سويت يونين خلاف جهاد ۾ حصو ورتو، هن چيو ته ڪاري قانون ايف سي آر جي خلاف جماعت اسلامي جي تحريڪ جاري رهندي، هن وفاقي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومت وڌيڪ دير نه ڪري ۽ جلد کان جلد اعليٰ عدليا جي فاٽا تائين پهچ وارو بل سينيٽ ۾ پيش ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *