زينب ڪيس کي جلد انجام تائين پهچايو وڃي: آءِ جي پنجاب جي جي آءِ ٽي کي هدايت

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) آءِ جي پنجاب زينب قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي کي جلد کان جلد ڪيس منطقي انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪئي آهي. آءِ جي پنجاب عارف نواز جي سربراهيءَ ۾ قصور واقعي بابت جي آءِ ٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ جي آءِ ٽي جي سربراهه محمد ادريس ۽ آر پي او شيخوپوره ذوالفقار حميد سميت ٻين شرڪت ڪئي جڏهن ته اجلاس ۾ زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران کان ڪيل جاچ تي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو.  آءِ جي پنجاب جي آءِ ٽي کي ڪيس جلد کان جلد انجام تائين پهچائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته زيادتي جي سمورن ڪيسن جي جاچ جي مرحلن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، جاچ ۾ جديد ۽ سمورن روايتي شاهدن جو جائزو ورتو وڃي. آءِ جي پنجاب چيو ته متاثر ڪٽنب کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *