ايشل فياض پهرين فلم جي رليز کان اڳ ٻئي فلم ۾ ڪاسٽ

 

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره ايشل فياض کي پنهنجي فلم رليز ٿيڻ کان اڳ ئي ٻئي فلم ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. ان باري ۾ هن چيو آهي ته مان پنهنجي مداحن کي ڪم مان متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس.ميڊيا رپورٽ موجب فلم ڪاف ڪنگنا جي حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران اداڪاره ايشل فياض چيو آهي ته ٽي وي ڊامن ۾ ڪم ڪندي وڏي اسڪرين جي لاءِ ڪم ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو.مون کي خوشي آهي ته منهنجي پهرين فلم ڪاف ڪنگنا رليز ٿيڻ کان اڳ ئي مون کي هدايتڪار خليل الرحمان قمر پنهنجي ٻئي فلم(لوفر) جي لاءِ به سائن ڪري ورتو آهي.هن چيو ته ڪوشش هوندي ته مداحن کي پنهنجي ڪم مان متاثر ڪري سگهان. ان موقعي تي فلم ڪاف ڪنگنا جي هيرو سميع خان جو چوڻ هو ته ملڪي فلم انڊسٽري کي استحڪام ڏيڻ ۾ هي فلم اهم ڪردار ادا ڪندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *