ڳڙھي ياسين ڀرسان جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، ناري ڀڄي جان بچائي ورتي

ڳڙهي ياسين (م.ڊ)ڳڙھي ياسين ڀرسان جوابدارن ڪارنهن الزام فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، الزام هيٺ آيل ناري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، علائقي ۾ ڏهڪاءُ، ڳوٺ محبت مارفاڻي ۾ جوابدارن بھادر ۽ ملھار مارفاڻي پنھنجي سئوٽ 25 ورھين جي سڌير مارفاڻي کي نوجوان ڇوڪري راڻي سان ڪارنھن جو الزام مڙھي ڳوٺ ٻاھران گھر ڏانھن ويندي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، ساڳين ئي جوابدارن زمين مان گاهه ڪندڙ الزام ھيٺ آيل ڀاءُ راڻي مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني پر راڻي معجزاڻي طور پنھنجي جان بچائي واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ڀرسان واري ڳوٺ ۾ پناھ ورتي، مقتول نوجوان سڌير مارفاڻي جا وارث ھٿياربند ٿي واقعي واري ھنڌ پھتا ته جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، پوليس ڳوٺ محبت مارفاڻي پھچي مارجي ويل نوجوان جو لاش کڻائي ڳڙھي ياسين اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول نوجوان جي ڀاءُ محمد يوسف ٻڌايو ته منھنجي ڀاءُ مٿان ڪارنھن جو لڳايل الزام ڪوڙو آھي، ھو مسجد مان تلاوت ڪرڻ بعد جمعي نماز جي تياري لاءِ گھر ڏانھن اچي رھيو ھو ته منھنجي سئوٽن بھادر ۽ ملھار منھنجي ڀاءُ کي بيگناهه قتل ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *