ايان علي جي ذريعي ٻاهرين ملڪ موڪلي ويندڙ رقم دهشتگردي ۾ استعمال ٿيڻ جا ڳجها اطلاع

راولپنڊي (بيورو) ماڊل ايان علي جي ذريعي ٻاهرين ملڪ موڪلي ويندڙ رقم دهشتگردي يا ان ۾ معاونت ۾ استعمال ٿيڻ جا ڳجها اطلاع مليا آهن حساس ادارن ماڊل گرل کي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ ڌر بنائڻ لاءِ گهرو وزارتکي خط لکي ڇڏيو خانگي ٽي وي مطابق حساس اداري خدشو ظاهر ڪندي گهرو وزارت کي خط اماڻيو ته سپر ماڊل ايان علي ذريعي ٻاهرين ملڪ موڪلي ويندڙ رقم سان دهشتگردي يا دهشتگردن جي مدد جا ڳجها اطلاع مليا اهن ان سبب ايان علي جي خلاف تفتيش هيٺ ڪيس جي جاچ وڌائيندي حساس اداري کي جاچ ۾ در بڻايو وڃي. گهرو وزارت پاران ايان علي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ نه هئڻ تي ملڪ جي سمورن ايئرپورٽس کي آگاهه ڪيو ته ايان علي ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي ڪوشش تي فوري طور تي گهرو وزارت کي آگاهه ڪيو وڃي اعليٰ عملدارن جي منظوري بنا ايان علي کي ٻاهرين ملڪ نه وڃڻ ڏنو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *