سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ ڪچي جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا ، سيوهڻ ۽ سيتا روڊ ۾ وڌيڪ 70 ڳوٺن ۾ پاڻي ڪاهي پيو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ سبب ڪچي جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته بندن تي پاڻي جو دٻاءُ برقرار آهي پر ڪچي جي رهواسين کي پڪي ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ انتظاميه اڃا تائين ڪي به انتظام نه ڪيا آهن. سنڌو درياهه ۾ چاڙهه سبب سيوهڻ جي ڪچي جا ڳوٺ پيرل هاليپوٽي، نئي واهن، بلاولپور، دريديري، راڌن، حيات جلباڻي، ماهي، اوٺي، گرا جتوئي، جهنڊياڻي سميت 50 کان وڌيڪ پاڻي هيٺ اچي ويا. ٻوڏ سبب ڪچي ۾ ڪيترائي ماڻهو ڦاٿل آهن، جڏهن ته انتظاميا پاران متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا آهن. نوابشاهه ويجهو مڏ بنگلي ڀرسان حفاظتي بند جي حالت خراب ٿي وئي آهي، جڏهن ته ڳوٺ منگواڻي، محمد بخش چانڊئي، سميت 50 ڳوٺن جي ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي. ٻئي طرف ڳوٺ جمن چانڊئي جي رهواسين پنهنجي مدد پاڻ تحت حفاظتي بند ٻڌي ورتو آهي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته انتظاميا اڃا تائين سندن واهر ناهي ڪئي، جنهن سبب هو بي يارو مدد گار ويٺل آهن. سيتاروڊ ويجهو ڪچي واري علائقي ڀنڊ ماڙيءَ جي ڀر پاسي جا 20 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، جڏهن ته سوين ڳوٺن جو سيتاروڊ، راڌڻ، ميهڙ سميت ٻين شهرن سان زميني رستو ڪٽجي ويو آهي. پاڻيءَ هيٺ آيل ڳوٺ ۾ شهزاد لاکير، غلام حيدر لاکير، رحيم لاکي، شمن قريشي، فاروق چانڊئي، علي خان لاکير، پانڌي، حاجي شير محمد، ليمي چانڊئي۽ اعجاز لاکير سميت ٻيا شامل آهن. موهن جي دڙي ڀرسان ٻلهڙيجي پتڻ وٽان پاڻي زمينداري بند توڙي ڪپرن تي چڙهي آيو آهي، جنهن ڪري ترن جو فصل لڙهي ويو آهي، جڏهن ته آبپاشي عملو بندن جي نگراني کان لاتعلق بڻيل آهي. ڏوڪري تعلقي جي ڪچي واري علائقي پراڻي گـُڏ، حسن واهڻ، درگاهه نور شاهه، هڪڙا پتڻ، ٻلهڙيجي پتڻ ۽ درگاهه محبڻ آريجا ويهڙ وٽان پاڻي ڪپرن کي لڳاتار کاڌ ڪري پائي رهيو آهي. هوڏانهن متاثر ڳوٺاڻا پنهنجي مدد تحت وڌيڪ فصل بچائڻ لاءِ ٻيهر بند ڏئي فصلن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بنا دير امڪاني ٻوڏ کي منهن ڏيڻ تڪڙا اپاءُ ورتا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *