ايان علي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ خلاف حڪومتي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو)  سپريم ڪورٽ، سپر ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ خلاف حڪومت جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو ، وڪيل لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو آهي ته ايان علي مان ملڪي سلامتي کي خطرو ناهي، سندس پرڏيهه وڃڻ سان ڪو طوفان نه ايندو.جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽـَي رڪني بينچ سپر ماڊل ايان علي جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ خلاف حڪومتي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ڪسٽمز جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ايان علي وٽان 5 کان 6 لک ڊالر آمريڪي ڪرنسي هٿ آئي، هن ڪيس ۾ سمورا ثبوت موجود آهن. هن  چيو ته شاهدن کي گهرائي هڪ مهيني اندر جاچ مڪمل ٿي سگهي ٿي، چاهيون ٿا ته ايان علي کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏيڻ بدران جاچ ۾ شامل ٿيڻ جو چيو وڃي. ايان علي جي وڪيل لطيف کوسا دليل ڏيندي چيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چئي چڪو آهي ته ڪسٽمز جي چوڻ تي ايان علي جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو،  ايان جو نالو اي سي ايل جي قانون جي زمري ۾ نٿو اچي، جيڪڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته ايان علي کي جيڪا وڻي سزا ڏني وڃي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن جي ٻاهر وڃڻ جو اختيار حڪومت وٽ هئڻ گهرجي، جيستائين ڏوهه ثابت نه ٿئي، تيستائين جوابدار کي ملڪ اندر ۽ ٻاهر وڃڻ جي سفر کان روڪي نٿو سگهجي. لطيف کوسا دليل ڏنا ته ايان علي جي ٻاهر وڃڻ سان ملڪ ۾ ڪو به طوفان نه ايندو ۽ نه ئي ان مان ملڪي سلامتي کي خطرو آهي. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *