عالمي سطح تي ڦاهين ۾ اضافو خطرناڪ آهي : ايمنسٽي انٽرنيشنل

لنڊن (اي پي پي) انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي انٽرنيشنل چيو آهي ته 2015ع ۾ گهٽ ۾ گهٽ 1634 ماڻهن کي ڦاهي ڏني وئي جيڪا ان کان اڳ سال جي مقابلي ۾ 50 سيڪڙو کان پڻ گهٽ آهي. برطانوي نشرياتي اداري موجب ايمنسٽي موجب دنيا ۾ ڏنل ڦاهين ۾ ايران، سعودي عرب ۽ پاڪستان جو حصو 89 سيڪڙو آهي. تنظيم جو چوڻ آهي ته ان رپورٽ ۾ چين ۾ ڏنل ڦاهي جو ذڪر ناهي. ۽ امڪان آهي ته مجموعي طور هزارن ۾ اضافو هجي ڇو ته چين ۾ ڦاهين جي رڪارڊ کي ڳجهو رکيو ويندو آهي. ايمنسٽي موجب چين هيستائين ڦاهي ڏيندڙ ملڪن ۾ پهرين نمبر تي آهي. اندازي موجب 2015ع ۾ هزارين ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي جڏهن ته ٻين هزارن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي پر ايمنسٽي موجب اهڙا اشارا مليا آهن ته چين ۾ تازن سالن ۾ موت جي سزا ڏيڻ ۾ گهٽتائي ٿي آهي. پر موت جي سزا کي ڳجهو رکڻ سبب يقيني طور تي ان جي تصديق ڪرڻ ممڪن ناهي. تنظيم موجب ايران ۾ گذريل سال 977 ماڻهن کي ڦاهي ڏني وئي ۽ انهن مان اڪثريت کي منشيات سان متعلق ڏوهن ڪري ڦاهي ڏني وئي آهي. پاڪستان ۾ 326 ماڻهن کي ڦاهي ڏيڻ واري سزا تي عمل ڪيو ويو ۽ اهو ملڪي تاريخ ۾ هڪ سال ۾ ڏنل سڀ کان وڌيڪ ڦاهيون آهن. سعودي عرب ۾ 2014ع جي ڀيٽ ۾ 2015ع ۾ موت جي سزا ڏيڻ ۾ 76 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 158 ماڻهن کي موت جي سزا ڏني وئي. سعودي عرب ۾اڪثر سسي ڌڙ کان ڌار ڪئي ويندي آهي جڏهن ته اڪثر کي فائرنگ اسڪواڊ ذريعي عمل ڪندا آهن ۽ اڪثر ڪري لاشن کي عوامي هنڌن تي پڻ ڏيکاريو ويو آهي. ايمنسٽي جو چوڻ آهي ته ڊسمبر 2014ع ۾ شهرين جي ڦاهي تي قانوني مهلت کان هٽي ڪري پاڪستان ۾ حڪومت جي منظوري سان ڦاهي ڏيڻ جو دور شروع ٿي ويو آهي. موت جي سزا ڏيندڙ پنجن وڏن ملڪن ۾ پنجون وڏو ملڪ آمريڪا آهي. جتي 2015ع ۾ 28 ماڻهن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ۽ اها تعداد 1999 کان پوءِ سڀ کان گهٽ آهي. ايمنسٽي جي سيڪريٽري جنرل سليل شيٽي چيو آهي ته ڦاهين ۾ گذريل سال اضافو انتهائي پريشاني جوڳو رهيو. گذريل سال 25 سالن وچ ۾ ڪڏهن به سڄي دنيا ۾ حڪومتن ايتريون ڦاهيون نه ڏينون هونديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *