اوگرا تيل اگهن ۾ اضافي جي تجويز ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) حڪومت پهرين اپريل کان ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 5.79 روپيا في ليٽر تائين اضافي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 89 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي اوگرا ايندڙ مهيني لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن بابت سمري کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي سمري ۾ پيٽرول جي قيمت 3.79 روپيا اضافي سان 70.29 روپين مان وڌائي 74.08 روپيا في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 5.79 روپيا اضافي سان 80.61 روپيا مان وڌائي 86.40 روپيا في ليٽر، لائٽ ڊيزل آئل جي قيمت 96 پئسا اضافي سان 57.94 روپين مان وڌائي 58.90 روپيا في ليٽر ۽ ايڇ او بي سي جي قيمت 1.62 روپيا اضافي سان 80.18 روپين مان وڌائي 81.80 روپي في ليٽر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي اوگرا جي سمري ۾ گاسليٽ جي قيمت 89 پئسا في ليٽر گهٽتائي سان 61.44 روپين مان گهٽائي 60.55 روپيا گهٽ ڪرڻ جي جتويز ڏني وئي آهي، سمري کي سومر جي ڏينهن پيٽروليم واري وزارت کي موڪلي ويندي جڏهن ته قيمتن بابت حتمي فيصلو وزيراعظم ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *