ڪرڪيٽ جي دنيا تي حڪمراني جو تاج پنجون ڀيرو آسٽريليا جي سر تي سجي ويو

ميلبورن(اي پي پي) ڪرڪيٽ جي دنيا تي حڪمراني جو تاج پنجون ڀيرو آسٽريليا جي سر تي سجي ويو. آسٽريليا 11 هين آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي فيصلائتي دنگل ۾ نيوزي لينڊ کي 7 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي. پهريون ڀيرو ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهتل ڪيوي ٽيم آسٽريليا جي سگهاري بالنگ آڏو واري جي ڀت ثابت ٿي ۽ سڄي ٽيم 45 اوورن ۾ 183 رنسن تي ڍير ٿي وئي. تفصيل موجب آچر تي ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ نيوزي لينڊ جي ڪپتان برينڊن ميڪ ڪوليم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو درست ثابت نه ٿيو. ڪيوي اننگز جي شروعات انتهائي مايوس ڪندڙ هئي، پهرين ئي اوور ۾ ميڪ ڪولم ڪا به رنس ٺاهڻ کان سواءِ مچل اسٽارڪ جي بال تي ڪلين بولڊ ٿي ويو. ڪيويز کي ٻيو نقصان 33 جي مجموعي اسڪور تي کڻڻو پيو جڏهن ٽونامينٽ جو ٽاپ اسڪورر مارٽن گپٽل رڳو 15 رنسون ٺاهي گلين ميڪسويل جي بال تي ڪلين بولڊ ٿي ويو. بليڪ ڪيپس کي ٽيون نقصان به جلد کڻڻو پيو جڏهن ڪين وليمسن 12 رنسون ٺاهي مچل جانسن جو نشانو بڻجي ويو. ان موقعي تي روز ٽيلر ۽ گرانٽ ايليٽ ذميواري سان بيٽنگ ڪئي ۽ 111 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪري ٽيم جو اسڪور 150 تائين پهچائي ڇڏيو. ٽورنامينٽ ۾ وڏي اسڪور کان محروم رهندڙ آسٽريليائي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ جي بيٽ آخري ميچ ۾ ٻوٽو ٻاري وئي، هن 74 رنسن جي دلڪش اننگز کيڏي جنهن ۾ هڪ ڇڪو ۽ 10 چوڪا شامل هئا. اسٽيون سمٿ هڪ ڀيرو شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو ۽ 56 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. ڊيوڊ وارنر 45 ۽ ايرن فنچ ڪا به رنس ٺاهڻ کان سواءِ آئوٽ ٿي ويا.جيمز فوڪنز کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *