انگلينڊ ۾ پرفارمنس جي بنياد تي سليڪشن ٿئي ها ته منهنجو رڪارڊ سڀني کان سٺو آهي: جنيد خان

پشاور(اسپورٽس نيوز) فاسٽ بالر جنيد خان چيو آهي ته سينٽرل ڪانٽريڪٽ کان ٻاهر ٿيڻ تي سڀني کان وڌيڪ ڏک ان ڳالهه جو آهي ته انگلينڊ جي دوري لاءِ 29 رانديگرن جو اعلان ٿيو ته ان ۾ منهنجو نالو شامل نه هو.وڊيو لنڪ تي /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 37

ڳالهيون ڪندي جنيد خان چيو ته جيڪڏهن انگلينڊ ۾ پرفارمنس جي بنياد تي سليڪشن ڪئي وڃي ها ته منهنجو رڪارڊ سڀني کان سٺو آهي.پاڪستاني ٽيم ۾ شامل رانديگرن ۾ سڀني کان وڌيڪ ڪائونٽي ڪرڪيٽ مان کيڏيو آهيان. انگلينڊ ۾ منهنجي پرفارمنس جو جائزو  ورتو وڃي ته مون کي به ٽيم جو حصو هجڻ گهرجي ها.اهڙي صورتحال ۾ به مايوس ناهيان ٿيون. پهريان کان وڌيڪ محنت ڪندس ۽ ڪوشش ڪندس ته سليڪشن ڪميٽي جا دل کٽي سگهان.هن وڌيڪ چيو ته پريشر سبب رانديگر پنهنجي نيچرل راند ناهن کيڏي رهيا مون سان به ائين ئي ٿيو آهي. ڳوٺ ۾ پنهنجي هڪ ننڍي اڪيڊمي آهي جتي ٽريننگ ڪندو آهيان. پاڻ کي فٽ رکندو آهيان ته جيئن ضرورت پوڻ تي ٽيم ۾ شامل ٿي سگهان.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *