ڪراچي ۾ ماهرا جي هم شڪل سامهون اچي وئي، ماڻهو حيران

ڪراچي (شوبز نيوز) چيو ويندو آهي ته دنيا ۾ هر انسان جا گهٽ ۾ گهٽ 7 هم شڪل ماڻهو موجود هوندا آهن ۽ انهن مان گهٽ ۾ گهٽ ۾ 2 اهڙا هوندا آهن جيڪي هوبهو هڪ ٻئي جهڙا هوندا آهن. اهڙين ڳالهين جو اندازو تازو سوشل ميڊيا تي ماهرا خان جي هم شڪل ڇوڪري جون تصويرون وائرل ٿيڻ سان ٿئي ٿو. شروعاتي طور تي ڪيترن ئي ماڻهن سپر اسٽار /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 04

اداڪارا جي هم شڪل ڇوڪري کي ماهرا خان ئي سمجهيو پر پوءِ کين خبر پئي ته هي ماهرا نه آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ماهرا خان جي هم شڪل ڇوڪري ڪنهن ٻئي ملڪ يا شهر سان واسطو نٿي رکي پر سندس واسطو به سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سان آهي ۽ ماهرا به ڪراچي سان واسطو رکي ٿي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ماهرا جي هم شڪل ڇوڪري به ماڊلنگ ڪندي نظر اچي ٿي. ماهرا جي هم شڪل ڇوڪري جو نالو ڪراسا انور شيخ آهي. ڪراسا انور شيخ جا انسٽاگرام تي 17 هزار ۽ ٽوئٽر تي 4 هزار فالوورز آهن. ڪراسا انور شيخ ماڻهن کي دوکو ڏيڻ لاءِ سپر اسٽار ماهرا خان جي فيشن ۽ لباس سميت اسٽائل توڙي سهڻي نموني سان ڪاپي ڪري ٿي ۽ کيس پهرين نظر ۾ ڏسڻ وارو شخص کيس ماهرا خنا ئي سمجهي ٿو. ڪراسا انور شيخ پنهنجي انسٽاگرام تي ڪيتريون ئي تصويرون شيئر ڪيون آهن جن ۾ هو نه رڳو ماهرا جي ڪاپي ڪندي نظر اچي ٿي پر سندس لباس، ميڪ اپ ۽ اسٽائل به ماهرا جهڙو آهي. ماهرا خان جي هم شڪل کان اڳ ڪجهه مداحن پي ٽي وي تي هلندڙ ترڪ ڊرامي جي اداڪرا برسين عبدالله بابت دعويٰ ڪئي هئي ته هو پاڪستاني اداڪارا حميمه ملڪ جي هم شڪل آهي. ان کان اڳ اقرا عزيز جي هم شڪل لبناني ڇوڪري به سامهون آئي هئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *