انگلينڊ جي فاسٽ بالر اسٽورٽ براڊ تباهي مچائي ڇڏي

نوٽنگهم(اسپورٽس نيوز) انگلينڊ جي فاسٽ بالر اسٽورٽ براڊ تباهي مچائي ڇڏي ۽ ايشز سيريز جي چوٿين ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ 8 وڪيٽون وٺي ڪينگروز جون وايون بتال ڪري ڇڏيون، جنهن سبب مهمان ٽيم 60 رنسن تي ڍير ٿي وئي. چوٿين ٽيسٽ ميچ جي پهرين اننگز ۾ آسٽريليا بيٽنگ شروع ڪئي ته اسٽورٽ براڊ قهر بڻجي ڪينگروز تي ڪڙڪي پيو، هن پهرين ئي اوور ۾ ڪرس راجر ۽ اسٽيون سمٿ کي پويلين جو رستو ڏيکاري ڇڏيو. ان کانپوءِ ٻئي اوور جي ٻي بال تي هُن مارڪ وڊ وري ڊيوڊ وارنر کي آئوٽ ڪري ورتو. 1950 ع کانپوءِ ايشز جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو جو ڪنهن به ٽيم جا اوپنر ٻڙي تي آئوٽ ٿيا، 1950ع ۾ برسبين ۾ کيڏيل ٽيسٽ ميچ ۾ آرٿر مورس ۽ جيڪ مورني ٻڙي تي آئوٽ ٿيندڙ اوپنر هئا. براڊ پنهنجي تباهي آڻيندڙ بالنگ جو سلسلو جاري رکيو ۽ شان مارش کي پويلين موٽائي ڇڏيو، جڏهن آسٽريليا جو اسڪور 21 تي پهتو ته ايڊم ووڪس به آئوٽ ٿي ويو، اهو 75 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هو جو آسٽريليا ڪنهن به ايشز ٽيسٽ دوران 21 رنسن تي 5 وڪيٽون وڃايون، آسٽريليا جون شروعاتي 5 وڪيٽون رڳو 25 بالن اندر ڪري پيون، براڊ وري اسٽارڪ ۽ پوءِ وري آسٽريلوي اننگز ۾ سڀ کان وڌيڪ 13 رنسون ٺاهيندڙ مچل جانسن کي به پويلين موٽائي ڇڏيو، ان موقعي تي آسٽريليا جو اسڪور 47 هو ۽ 9 وڪيٽون ڪرڻ سبب ان کي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي سڀ کان گهٽ اسڪور 53 تي آئوٽ ٿيڻ جو چيلينج سامهون اچي ويو، پر آخري وڪيٽ تي معمولي مزاحمت سان اسڪور 60 تائين پهچايو ويو، جنهن کانپوءِ براڊ آسٽريلين اننگز ويڙهي ڇڏي، اسٽورٽ براڊ شاندار بالنگ ڪرائيندي رڳو 15 رنسون ڏئي 8 وڪيٽون ورتيون، آسٽريليا جا 9 بيٽسمين ته ڊبل فگرز ۾ ئي نه پهتا ۽ سڄي ٽيم 18 ڏهائي 3 اوورن ۾ 60 رنسن تي ڍير ٿي وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *