پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ دعاگو آهيان: باڪسر عامر خان

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستاني نسل جي برطانوي باڪسر عامر خان چيو آهي ته منهنجي خوائش آهي ته آمريڪي باڪسر فلائيڊ ميويڌر سان مقابلو ڪري پر آمريڪي باڪسر مونسان فائيٽ ڪرڻ کان لنوائي رهيو آهي. لاهور ۾ داتا درٻار جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عامرخان جو چوڻ هوته آئون هميشه پاڪستان جي عزت کي اهيمت ڏيندو رهيو آهيان. عامر خان وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ دعاگو آهيان. برطانوي باڪسر جو وڌيڪ چوڻ هو ته منهنجي خوائش آهي ته آمريڪي باڪسر فلائيڊ ميويڌر ساڻس مقابلو ڪري ۽ هن کيس مقابلو ڪرڻ جي دعوت به ڏني آهي، پر آمريڪي باڪسر فائيٽ کان لنوائي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *