انسانيت جي خدمت ئي اصل عبادت آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته انسانيت جي خدمت اصل عبادت آهي ۽ سيلاني ويليفيئر انسانن جي خدمت حاصل ڪري برتري حاصل ڪري ورتي آهي، هو گذريل ڏينهن ڊفينس ۾ سيلاني برانچ ۾ ضرورت مندن ۾ کاڌ خوراڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، هن چيو ته سيلاني ويلفيئر انٽر نيشنل ٽرسٽ ماڻهن جي هر شعبي ۾ خدمت ڪري هڪ رڪارڊ قائم ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت سيلاني ويلفيئر کي جيڪو به تعاون گهربل هوندو اهو فراهم ڪندي، ان موقعي تي صدر سيلاني ويلفيئر محمد يوسف لاکاني موجود هو، هن ان موقعي تي سيلاني ويلفيئر جي سالياني ڪارڪردگي پيش ڪئي، هن خطاب ڪندي ٻڌايو ته مستقبل جي ٻين منصوبن بابت بريفنگ ڏني، تقريب ۾ 41 هزار ڪنٽبن ۾ راشن، عيد جا ڪپڙا ۽ 5 سئو رپيا في خاندان عيد جي خرچي به ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *