غيرسرڪاري تنظيمن جي بهاني هزارين ماڻهو پاڪستان آيا، پر ان وقت حڪومت ۽ انٽيليجنس ادارن ڪو به ڪم نه ڪيو: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته سيو دي اين جي او جي آفيس کي سندس وزارت جي حڪم تي سيل نه ڪيو ويو، اين جي اوز جي معاملي تي آمريڪا جو ڪوبه دٻاءُ ناهي، ٻه غير سرڪاري تنظيمون بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هيون. سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي سيو دي چلڊرن اين جي او واري معاملي تي آمريڪي دٻاءَ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪيتريون ئي اڻ رجسٽرڊ اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن. وفاقي گهرو وزير چيو ته سيو دي چلڊرن کي گهرو وزارت جي حڪم تي سيل نه ڪيو ويو هو پر قانون موجب غير سرڪاري تنظيم جي هيڊ آفيس کي سيل ڪيو ويو هو. چوڌري نثار وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا ۽ يورپ جي سهڪار سان هلندڙ 2 پرڏيهي اين جي اوز پاڪستان اندر غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هيون، جيڪي بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪم ڪري رهيون هيون. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته اين جي اوز جي ڪليئرنس جو فيصلو گهرو وزرات ڪندي آهي، جڏهن ته غيرسرڪاري تنظيمن جي بهاني هزارين ماڻهو پاڪستان آيا، پر ان وقت جي حڪومت ۽ انٽيليجنس ادارن ڪو به ڪم نه ڪيو. چوڌري نثار علي ايوان کي ٻڌايو ته سندن حڪومت اڻ رجسٽرڊ ۽ ملڪ خلاف ڪم ڪندڙ اين جي اوز خلاف سختي سان نوٽيس ورتو ويو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *