اميد آهي ته جاتي امرا ۾ ڇهه هفتا گذارڻ بعد نواز شريف جو ذهني دٻاءُ گهٽ ٿي ويو هوندو ، الله ڪري هو وري بيمار نه ٿئي: فردوس عاشق

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اميد آهي ته جاتي امرا ۾ ڇهه هفتا گذارڻ بعد نواز شريف جو ذهني دٻاءُ گهٽ ٿي ويو هوندو، الله ڪري نواز شريف جيل ۾ وري بيمار نه ٿئي.  سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي بيان جاري ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته نواز شريف هن وقت سياست کان لاتعلق آهي، لائو لشڪر سان روڊ تي نڪرندو ڏسون ٿا ته هو پنهنجي پارٽي يا پنهنجي حڪومت کي للڪاري ٿو. هن چيو ته الله ڪري ڪوٽ لکپت جيل ۾ نواز شريف وري بيمار نه ٿي پوي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *