اميتاڀ ڪترينا ۽ دپيڪا سان ڪم لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي!

 

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار اميتاڀ بچن انڊسٽري جي ٻن سندرين ڪترينا ڪيف ۽ دپيڪا پڊوڪون سان گڏ ڪم ڪرڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آهي.ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي سرگرم رهندڙ اميتاڀ بچن ٽوئيٽر تي هڪ پوسٽ رکي آهي جنهن ۾ هڪ خبر شيئر ڪئي وئي آهي، خبر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دپيڪا ۽ ڪترينا ۽ شاهد ڪپور ۽ عامر خان کان قد ۾ ڊگهيون آهن، ان ڪري گڏ ڪم ڪرڻ وقت مسئلو ٿي سگهي ٿو، جنهن تي اميتاڀ مذاق واري انداز ۾ لکيو آهي ته 6 فوٽ 2 انچ قد ۽ 49 سالن جو تجربو رکندڙ اداڪار پنهنجون خدمتون آڇي ٿو جنهن کانپوءِ قد جو مسئلو به نه رهندو.هاڻي ڏسجي ته عامر خان ۽ شاهد ڪپور اميتاڀ بچن جي ان پوسٽ تي ڪيئن ردعمل ظاهر ڪن ٿا پر ڪترينا ۽ دپيڪا جي مک تي ضرور مرڪ اچي وئي هوندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *