محدود اوورن جي ڪرڪيٽ رانديگرن جي اهليت کي متاثر ڪيو آهي: سرفراز احمد

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته محدود اوورن جي ڪرڪيٽ رانديگرن جي اهليت ۽ فٽنيس کي متاثر ڪيو آهي ۽ انضمام الحق جو اهو موقف درست آهي ته محدود اوورن جي ڪرڪيٽ راند جي روح کي متاثر ڪيو آهي.ڪراچي ۾ هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جون واٽون کلي رهيون آهن، ايندڙ سال پاڪستان ۾ راند کي وڌيڪ هٿي ملڻ جو امڪان آهي، محدود اوورن جي ڪرڪيٽ رانديگرن جي اهليت ۽ فٽنيس کي متاثر ڪيو آهي، پي ايس ايل ٿري ۾ دلچسپ مقابلا ٿيڻ جو امڪان آهي.هن چيو ته چيف سليڪٽر انضمام الحق جو اهو موقف درست آهي ته محدود اوورز جي ڪرڪيٽ راند جي روح کي متاثر ڪيو، ٽيسٽ کانپوءِ 50 ۽ پوءِ 20 اوورز جي ڪرڪيٽ سان پليئرز جي فٽنيس ۽ راند تي اثر پيو آهي، ڪرڪيٽرز پنهنجي ٽريننگ به ان طرز تي ئي ڪن ٿا. هن چيو ته ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ ئي اصل ڪرڪيٽ آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *