امن عمل ۾ رنڊڪ وجهندڙ کي بخش نه ڪيو ويندو: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جاري آهي، امن عمل ۾ رنڊڪ وجهندڙ کي بخش نه ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان سان سينيٽر مير حاصل بزنجي ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب،ملاقات دوران چوڌري نثار علي خان قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۽ حڪومتي حڪمت عملي بابت حاصل بزنجي کي آگاهه ڪيو. چوڌري نثار چيو ته حڪومت امن جي بحالي لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي، نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *