پاڙيسرين سان بهتر لاڳاپا چاهيون ٿا، ضرب عضب آخري مرحلي ۾ داخل آهي: نواز شريف

ويليٽا (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ برطانيا دهشتگردي منظم ڏوهن ۽ غير قانوني مائگريشن کي روڪڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪندي دولت مشترڪه جي حدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن تي اتفاق ڪيو آهي وزيراعظم نوازشريف چيو ته پاڪستان قومي ايڪشن پلان جي تحت ملڪ مان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ سخت ڪارروايون ڪري رهيو آهي. آپريشن ضرب عضب پنهنجي ڪامياب پڄاڻي طرف وڌي رهيو آهي ڀارت ۽ افغانستان سميت تمام پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻا تعلق قائم رکڻ جا خواهشمند آهيون جڏهن ته وزيراعظم برطانوي وزيراعظم دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي مضبوط معيشت ۽ سماجي اقتصادي ترقي کي حال ڪرڻ لاءِ مڪمل برطانوي حمايت جو يقين ڏياريو آهي. جمعي تي وزيراعظم محمد نوازشريف پنهنجي برطانوي هم منسب ڊيوڊ ڪيمرون سان سان دولت مشترڪه اجلاس جي سائيڊ لائنز تي ملاقات ڪئي ٻنهي اڳواڻن تجارت سرمائيڪاري ۽ سيڪيورٽي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو پاڪستان ۽ برطانيا جا وزيراعظم پنهنجي ملڪن جي سيڪيورٽي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي وزيراعظم دهشتگردي وڏن ڏوهن ۽ غير قانوني مائيگريشن کي روڪڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم به ڪيو. نوازشريف چيو ته پاڪستان برطانيا کي هڪ ويجهو دوست ۽ قابل اعتماد شريڪ ٿيندڙ سمجهي ٿو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفو تعلق مضبوط بنيادن تي قائم آهي. هن چيو ته اسٽريٽجڪ ڳالهين جي سلسلي ۾ پاڪ برطانيا تعاون جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته تجارت سرمائيڪاري ثقافت تعليم ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تازو روڊ ميپ جي سبب تعلقات کي مضبوطي حاصل ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي تمام شڪلين ۽ حالتن جي مذمت ڪري ٿو ۽ ان کي پئرس ۾ پيش ايندڙ هلندڙ واقعن تي گهرو ڏک ٿيو آهي. پاڪ برطانيا وزيراعظم عالمي ۽ علائقائي اهميت جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *