امداد جي ضرورت ناهي آمريڪا ڌمڪي نه ڏئي، فلسطين جي حمايت تان هٿ نه کڻبو: پيپلز پارٽي

رتوديرو(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاھ چيو آھي ته گڏيل قومن جي اجلاس ۾ پاڪستان سميت 135 ملڪن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فيصلي خلاف ووٽ ڪري فلسطين جي حمايت ڪئي آھي اھا ھڪ وڏي فتح آھي ۽ تبديلي آھي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھن چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ پاران امداد بند ڪرڻ واري ڌمڪي جي پرواھ ناھي  نه ئي ڪا ضرورت آھي. پر فلسطين جي حمايت واري فيصلي تان دستبردار نه ٿينداسين. ھن چيو ته پاڪستان اندر آمريڪي تعاون سان ھلندڙ منصوبن تي ڪو فرق نٿو پئجي سگھي. ڊونلڊ ٽرمپ جي غلط فيصلي آمريڪا تي پڻ اثر ڇڏيا آھن ٽرمپ آمريڪا کي دنيا ۾ اڪيلو ڪرڻ طرف وٺي وڃي رھيو آھي . خورشيد احمد شاھ وڌيڪ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ تعيلم جي لاء بجيٽ تمام ٿوري رکي ٿي وڃي ان ڪري تعليم لاء وڌ کان وڌ بجيٽ رکڻ گھرجي گھٽ بجيٽ ھجڻ باوجود سنڌ اندر تعليمي ادارا ٺاھيا آھن . ميڊيڪل انجنئينرنگ ڪاليجون ٺاھيون ويون آھن .پرائمري تعليم کي بھتر بنائڻ جي ضرورت آھي . جيئن ھائر سيڪنڊري تعليم جي لاء ڪميشن آھي اھڙي طرح پرائمري تعليمي ڪميشن به ٺاھڻ گھرجي . ھن چيو ته پيپلزپارٽي جيڪو ماضي جي چونڊن ۾ اليڪشن مھم دوران جيڪو پروگرام ترتيب ڏنو ھو ان تي پورو لٿي  آھي .ان تي عمل درآمد ڪرايو ويو آھي . سنڌ اندر  رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آھن . نوڪريون ڏنيون ويون آھن . ايندڙ چونڊون لاء پيپلزپارٽي تيار آھي .جمھوري طريقي سان  چونڊون وڙھنداسين پارٽي ڇيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جلسن مخالفن جون ننڊون ئي ڦٽائي ڇڏيون آھن . سياسي پارٽين اندر مائينس واري فارمولي کي نٿا مڃون جيڪڏھن ائين ھجي ھا ته عمران خان به مائينس ٿي وڃي ھا .ھن چيو ته اسان احتساب واري عمل جا حمايتي آھيون پر احتساب ايمانداري جي بنياد ٿيڻ گھرجي تعصب واري بنياد تي ٿيندڙ احتساب جي مخالفت ڪنداسون .عمران خان کي سنڌ ۾ شڪست ڏينداسون .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *