جهل مگسي ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، 5 ڄڻا مارجي ويا

جهل مگسي(ويب ڊيسڪ) جهل مگسي ۾ ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا. جهل مگسي ويجهو گهاري ۾ ٻن ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿيو پيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا ٿڏي تي ئي مارجي ويا. واقعي جي اطلاع تي ليويز اهلڪارن پوليس فوتين جا لاش کڻائي تعلقا اسپتال پهچايا. ليويز اهلڪارن جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني جي نتيجي ۾  هڪ ئي ڌر جا ڄڻا مارجي ويا. ليويز عملدارن جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *