امام الحق ۽ جنيد خان به اَن فٽ ڪرڪيٽرن جي فهرست ۾ شامل

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نيوزي لينڊ دوري کان اڳ اوپنر امام الحق ۽ فاسٽ بالر جنيد خان به ان فٽ رانديگرن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويا آهن. ٻئي رانديگر قائد اعظم ٽرافي جي سپر ايٽ رائونڊ ۾ پنهنجي ڊپارٽمنٽ حبيب بينڪ جي نمائندگي نه ڪري سگھندا. جمعي کان ملڪ جي سڀ کان وڏي فرسٽ ڪلاس ٽورنامنٽ جي سپر ايٽ رائونڊ جون آخري ميچون ٿي رهيون آهن، سموريون ٽيمون پنهنجن اهم ترين رانديگرن کان محروم رهنديون. انهن رانديگرن کي پي سي بي تڪراري ٽي ٽين ليگ کيڏڻ جي اجازت ڏني آهي، حبيب بينڪ جي ميچ لاهور وائٽس سان نيشنل بينڪ ڪمپليڪس ۾ ٿيندي. حبيب بينڪ جو ڪوچ ڪبير خان به ٽي ٽين جي ڪوچنگ لاءِ شارجا ويو آهي، بينڪ ۾ ڪوچ ڪبير خان، ڪپتان احمد شهزاد ۽ اهم ترين رانديگرن کان محروم رهندو. حبيب بينڪ جو عمر گل، فهيم اشرف ۽ فخر زمان به موجود نه هوندو جڏهن ته ٽيسٽ اوپنر عبدالرحمان، احمد شهزاد جي جاءِ تي ڪپتان ٿيندو. ذريعي جو چوڻ آهي ته امام الحق جي پير ۾ فنگس جي بيماري لڳي وئي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته کيس مڪمل فٽ ٿيڻ ۾ هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت لڳي سگھي ٿو. حبيب بينڪ ٽيم انتظاميا جو چوڻ آهي ته فخر زمان کي گھمڻ ڦرڻ ۾ شديد ڏکيائي آهي ان ڪري هو ميچ ڇڏي لاهور هليو ويو آهي جتي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا ڊاڪٽر سندس علاج ڪري رهيا آهن. فاسٽ بالر جنيد خان جو پير بنگلا ديش پريميئر ليگ دوران زخمي ٿيو هو. هو به فٽ ناهي ۽ پنهنجي ٽيم جي نمائندگي نه ڪري سگھندو. يو بي ايل ڪمپليڪس ۾ يو بي ايل ۽ ڪي آر ايل جي ميچ ٿيندي. يو بي ايل اهم ترين ميچ ۾ پنهنجن رانديگرن عمر اڪمل، سهيل خان، محمد نواز ۽ عامر يامين جون خدمتون حاصل نه ڪري سگھندو. رومان رئيس پنهنجي ماءُ جي بيماري ڪري ميچ نه کيڏندو. ڪيمپ جي آغاز تي نيوزي لينڊ جي دوري لاءِ پاڪستاني ٽيم جو اعلان ڪيو ويندو، ذريعي جو چوڻ آهي ته فٽنس ٽيسٽ ۾ امام الحق، جنيد خان کان سواءِ شاداب خان، عماد وسيم، اظهر علي ۽ فهيم اشرف کي به پنهنجي فٽنس ثابت ڪرڻي پوندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *