آءِ سي سي اسپاٽ فڪسنگ واري دعويٰ رد ڪري ڇڏي

پرٿ (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي برطانوي اخبار جي اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي حوالي سان دعويٰ مسترد ڪئي آهي. آءِ سي سي برطانوي اخبار جي اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي حوالي سان دعويٰ مسترد ڪندي چيو آهي ته شروعاتي جاچ دوران آسٽريليا ۽ انگلينڊ وچ ۾ پرٿ ٽيسٽ ۾ ڪرپشن جو ڪو به ثبوت نه مليو آهي، جنرل منيجر اينٽي ڪرپشن اليڪس مارشل جو چوڻ آهي ته اسان کي ” دي سن“ جي جاچ سان وابسطه سمورو مواد موصول ٿي چڪو، في الحال اهڙو ڪو به اشارو نه مليو آهي ته ان ميچ ۾ شريڪ ڪنهن به رانديگر سان مبينا فڪسرز جو رابطو رهيو هجي. هن چيو ته اسان انهن الزامن کي انتهائي سنجيدگي سان ڏسي رهيا آهيون ۽ جاچ اينٽي ڪرپشن يونٽ ميمبر ملڪن سان ساٿين سان گڏجي ڪندو، برطانوي اخبار سان گڏ پنهنجن ڳجهن ذريعن سان به معاملي جي جاچ ڪندا سين. اليڪس مارشل چيو ته جيتوڻيڪ آسٽريلوي قانون موجب فڪسنگ هڪ ڏوهه آهي پر في الحال معاملا شروعاتي مرحلن ۾ آهن خاص شاهديون هجن ها ته پوليس ۾ رپورٽ ڪري سگھجي ها، اليڪس مارشل چيو ته الزامن جي پکيڙ ڪيتري ئي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ جي مختلف فارميٽ تائين پکڙجي وئي آهي، جنهن ۾ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامنٽ به شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *