اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن ۾ ڪوتاهي نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي استعيفائن وارو معاملو ورجائيندي چيو آهي ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تحت سڌرا آندا وڃن ۽ 2013 جي عام چونڊن جي جي بي ضابطين ۾ ملوث عملدارن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي،  جسٽس رٽائرڊ سردار رضا جو چوڻ آهي ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تحت ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار رضا خان سان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ۽  اسد عمر به شريڪ هئا. ملاقات دوران اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي استعيفائن، پي ٽي آءِ کي مليل جوابي خط ۽ ننڍي چونڊ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ذريعن موجب، ملاقات دوران تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرز جي استعيفائن وارو مطالبو ورجايو. عمران خان جو چوڻ هو ته 2013 وارين چونڊن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تحت اليڪشن ڪميشن ۾ سڌارا آندا وڃن. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ چيئرمين اين اي 122 ۽ 154 تي ننڍي چونڊ فوج يا رينجرز جي نگراني ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر کيس خاطري ڪرائي ته چونڊون شفاف نموني سان ڪرايون وينديون. ذريعن موجب، عمران خان اليڪشن ٽربيونل جو مدو نه وڌائڻ واري معاملي تي به خدشا ظاهر ڪيا، جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر، اليڪشن عمران خان کي آگاهه ڪيو ته جون ۾ ئي اليڪشن ٽربيونل جي مدي ۾واڌ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، معاملي جو اين 122 ۽ 154 جي فيصلن سان تعلق ناهي. ذريعن موجب، چيف اليڪشن ڪمشنر عمران خان کي اها به خاطري ڪرائي ته انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تحت ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *