گرجا گهرن تي حملن ۾ ملوث 3 دهشتگردن سميت 11 ڏوهاري مارجي ويا

لاهور (بيورو) لاهور جي علائقي يوحنا آباد ۾ ٻن گرجا گهرن تي آپگهاتي حملن ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ گرفتار ٽن مبينه دهشتگردن سميت 11 ڏوهاري پنجاب جي مختلف علائقن ۾ پوليس جي مبينه مقابلن دوران مارجي ويا آهن. لاهور پوليس واهگه ويجهو باٽاپور ۾ ٽن دهشتگردن کي مبينه پوليس مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جيڪي دهشتگرد لاهور پوليس سان مبينه مقابلي ۾ مارجي ويا آهن، انهن جي گرفتاري جو باضابطه اعلان به 4 آگسٽ تي ڪيو ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽنهي مبينه دهشتگردن کي سندن نشاندهي تي هٿيار هٿ ڪرڻ لاءِ بي آر بي ڪينال واري علائقي ۾ نيو ويو، جتان پوليس وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ آپگهاتي جيڪٽ هٿ ڪئي. پوليس اختيارين موجب ٽنهي دهشتگردن کي جڏهن ڇاپي کانپوءِ واپس آندو پئي ويو ته دهشتگردن جي ساٿين کين ڇڏائڻ لاءِ پوليس تي حملو ڪيو. پوليس موجب فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽئي مبينه دهشتگرد حسن پنجابي، عمران ۽ شيخ قانون مارجي ويا، جڏهن ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ سب انسپيڪٽر به زخمي ٿي پيو. ياد رهي ته ٽنهي دهشتگردن کي يوحنا آباد جي گرجا گهرن تي آپگهاتي حملن ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو هو، انهي حملي ۾ 15 ڄڻا مارجي ويا هئا.  سرگوڌا ۾ موٽر وي تي ڀيرا وٽ مبينا پوليس مقابلي ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا. پوليس موجب، ٻه ڦورو موٽر وي تي ڦر جي ارادي سان بيٺل هئا ته مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻئي ڏوهاري ٿڏي تي مارجي ويا. پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري پنجاب اسيمبلي ميمبر راڻا جميل جي اغوا سيمت مختلف وارداتن ۾ ملوث هئا. فيصل آباد جي گڙڪي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 ڏوهاري مارجي ويا. پوليس موجب،گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي ڪارروائي لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته جوابدارن جي 4 کان وڌيڪ ساٿين حملو ڪيو، جنهن ۾ سندن ئي 3 ساٿي مارجي ويا. پوليس موجب، مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويندا. شيخوپوره جي فاروق آباد واري علائقي ۾ مبينا مقابلي ۾ پوليس ٻن ڏوهارين کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب، ڳجهي اطلاع تي جوابدارن جو گهيرو ڪيو ته مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2ڦورو ٿڏي تي مارجي ويا. بهاولپور ڀرسان به پوليس مقابلو ڪري هڪ مبينا ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري تي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *