الطاف حسين اسٽيبلشمينٽ کان معافي ته ورتي پر هي نه ٻڌايو ته هو ڪهڙن ڪهڙن ڏوهن جي معافي وٺي رهيو آهي: سراج الحق

لاهور (م.د) امير جماعت اسلامي سينيٽر سراج الحق تڪ 246 ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم تحت اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڇا حڪومت ايتري بي وس آهي جو هو صرف هڪ تڪ ۾ بايو ميٽرڪ سسٽم تحت اليڪشن نٿي ڪري سگهي الطاف حسين جلسي ۾ اسٽيبلشمينٽ کان معافي ته ورتي پر اهو نه ٻڌايو ته هو ڪهڙن ڪهڙن ڏوهن جي معافي وٺي رهيو آهي ڇا ايم ڪيو ايم انهن دهشتگردن کي قانون حوالي ڪندي جن پنهنجن ڏوهن جو جي آءِ ٽي آڏو پاڻ اعتراف ڪيو ڪراچي ۾ بدامني ۽ خوف وارو ماحول هاڻي به موجود آهي ۽ الطاف حسين پاڻ به ڪراچي اچڻ کان ڊڄي ٿو الطاف حسين جوابدارن جي خلاف هڪ لفظ ناهي ڳالهايون قوم کي نعرن جي نه پر سياسي شعور ۽ امن امان جي ضرورت آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوره ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. سراج الحق چيو ته اسلامي دنيا جو سبڀ کان وڌو شهر ڪراچي هن وقت سخت مشڪلات ۾ آهي 24 سالن کان هن شهر تي ايم ڪيو ايم جو قبضو آهي ايم ڪيو ايم کي شهر جو قبضو ڏيارڻ ۾ ملڪ جي ڪجهه ادارن ۽ بين الاقوامي طاقتن جو وڏو ڪردار آهي الطاف هسين ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو هاڻي به هڪ ٻه ٽي چئي شهر کي بند ڪري سگهي ٿو پر وقت ثابت ڪري ڇڏيو ته هاڻي ان جي زبان ۾ اهو اثر ناهي رهيو الطاف هسين جڏهن جلسي ۾ اسٽيبلشمينٽ کان معافي وٺي رهيو هو ته پاڪستان جو عوام چاهي پيو ته هو 9 اپريل تي زنده ساڙيل وڪيل بلديه ٽائون ۾ 260 مزدورن ۽ ولي خان بابر جي پڪڙي قاتلن طرفان به معافيون وٺندو هن چيو ته الطاف حسين کي اسٽيبلشمينٽ کان نه پر پنهنجي گناهن جون الله تعاليٰ ۽ پاڪستان جي عوام کان معافي وٺڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *