لال مسجد ۽ جامعه حفصه جي شهيدن جي وارثن 22 ماڻهن کي لال مسجد آپريشن جو ذميوار قرار ڏيئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) لال مسجد ۽ جامعه حفضه شهيدن جي وارثن لال مسجد آپريشن جي سمورن ذميوارن جي خلاف فرياد داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي فرياد ۾ لال مسجد آپريشن جي سمورن ذميوارن کي ملزم نامزد ڪيو ويندو تفصيل مطابق شهدا فائونڊيشن آف پاڪستان لال مسجد جي تحت لال مسجد ۽ جامعه حفضه جي شهيدن جي وارثن جو هڪ مشاورتي اجلاس منعقد ٿيو اجلاس ۾ لال مسجد آپريشن بابت معاملن تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ شامل ٿيندڙن لال مسجد آپريشن بابت  سمورن دستاويزي ثبوتن کي نظر ۾ رکندي 22 ماڻهن کي لال مسجد آپريشن جو ذميوار قرار ڏنو آهي اجلاس ۾ شامل ٿيندڙ جن ماڻهن کي لال مسجد آپريشن جو ذميوار قرار ڏنو آهي ان ۾ پرويز مذرف اڳوڻو ويراعظم شوڪت عزيز صدر مسلم ليگ (ق) ليگ چوڌري شجاعت حسين اڳوڻو وزيراعلي!ٰ پنجاب چوڌري پرويز الاهي اڳوڻو مملڪتي وزير انفارميشن طارق عظيم اڳوڻو مذهبي معاملن جو وزير اعجازالحق اڳوڻو انفارميشن وزير محمد علي دراني اڳوڻو گهرو وزير آفتاب احمد خان شيرپائو اڳوڻو پرڏيهي وزير خورشيد قصوري اڳوڻي وزير ماحوليات فيصل صالح حيات اڳوڻو وزير ريلوي شيخ رشيد احمد اڳوڻو چيئرمين سي ڊي اي سيد ڪامران لاشاري اڳوڻو ڪمشنر اسلام آباد خالد پرويز اڳوڻو گهرو سيڪريٽري سيد ڪمال شاهه اڳوڻو آءِ جي پوليس چوڌري افتخار احمد اڳوڻو ايس ايس پي اسلام آباد ظفراقبال اڳوڻو ڊي آءِ جي اسلام آباد شاهد نديم بلوچ اڳوڻو اي ڊي سي عامر علي احمد اڳوڻو جوائنٽ گهرو سيڪريٽري محمد ظفير عباسي اڳوڻو ڊي جي رينجرز جنرل رٽائرڊ مهدي حسن اڳوڻو ڪور ڪمانڊر راولپنڊي جنرل رٽائرڊ طارق مجيد ۽ سرڪاري ٽي وي جو اينڪر سيد انورالحسن شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *