اقليتن ۽ مسلمانن لاءِ الڳ الڳ پاڪستان ممڪن ناهي: بلاول ڀٽو زرداري

ميرپورخاص ( مختيار ڪيريو ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٻه الڳ الڳ پاڪستان نٿي چاهي جتي مسلمانن جو پاڪستان الڳ هجي ۽ اقليتي برادري جو پاڪستان الڳ هجي، جتي مشرف جو پاڪستان الڳ هجي ۽ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو پاڪستان الڳ هجي، پاڪستان پيپلز پارٽي ماڻهن کي برابري ۽ اقليتي برادري جي برابري واري حقن جي ڳالهه ڪئي آهي. هن چيو ته هولي تهوار ۽ رنگن جي استقبال تي اقليتي برادري کي مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو . عمرڪوٽ ماروي جو وطن ۽ بهادر بختاور جو ضلعو آهي ۽ عمرڪوٽ جي عوام هميشه پيپلز پارٽي جي مخالفن کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي آهي. هن چيو ته پاڪستان اقليتن کان بغير اڳتي وڌي نه سگهندو ۽ نه ئي ترقي ڪري سگهندو. ملڪي ترقي لاءِ هر شهري کي اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو . هن چيو ته آئون غريب عوام جي جنگ وڙهندو رهندس جئين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو غريب عوام جي جنگ وڙهي هئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي عورتن جي حقن جي لاءِ عملي قدم کنيا آهن جنهن جو مثال سنڌ اسيمبلي مان هندو ميرج ايڪٽ، وومين پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ ننڍي عمر ۾ ڇوڪرين جي شادي روڪڻ لاءِ ارلي چائلڊ ميرج ريسٽرڪٽ ايڪٽ پاس ڪرائي عورتن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو آهي. ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن  منتخب حڪومت اسميبلي مان اهڙا بل پاس نه ڪرايا هوندا، اهو اعزاز پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ کي وڃي ٿو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجو ڪم ٻين  جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت پنجاب اسيمبلي مان عورتن جي حقن لاءَ ڪمزور قانوني سازي ڪئي آهي جڏهن ته حقن جي پاسداري ڪمزور قانون سازي سان نه ٿيندي آهي پر تنهن جي باوجود به آئون انهن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته توهان جو ڀاءُ توهان جي حقن لاءِ وڙهندو رهندو. هن عورتن کي اپيل ڪندي چيو ته اهي پنهنجي ڀاءُ جو ساٿ ڏين دنيا جي ڪا به طاقت مونکي اڳتي اچڻ کان نه روڪيندي. هن پڻ اها اپيل ڪندي چيو ته ملڪي ترقي لاءِ عورتون مردن سان گڏ  ڪم ڪن، جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ قائد اعظم محمد علي جناح سان گڏ محترمه فاطمه جناح، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ بيگم نصرت ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير گڏ هيون ۽ مون سان گڏ منهنجون ڀينرون آصفه ۽ بختاور گڏ آهن. هن چيو ته مون کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته منهنجي ماءُ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو مسلم دنيا جي پهرين عورت وزير اعظم بڻي. هن قومي اسيمبلي کان مطالبو ڪندي چيو ته اقليتي برادري جي حقن لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو لڳايو هو جنهن سان پاڪستان ۽ غريب عوام جي تقدير بدلجي وئي، آئون بلاول ڀٽو زرداري اوهان سان اهو واعدو ٿو ڪريان ته غريب عوام جي تقدير بدلائيندس ۽ انهن جا حق ڏياريندس. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 21 هين صدي ۾ اڄ به عمرڪوٽ جي عوام ڪاٺيون ٻاري پنهنجي گهرن جا چلها ٻاري رهيو آهي جڏهن ته سڀني کان وڌيڪ گئس جي پيداوار ڏيندڙ صوبو سنڌ آهي، تنهن جي باوجود عمرڪوٽ جو عوام گئس جي سهولت کان محروم آهي. آئون وفاقي حڪومت کان اهو مطالبو ڪريان ٿو ته عمرڪوٽ ۾ سوئي گئس جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ آئون پاڻ عمرڪوٽ جي عوام سان گڏ احتجاج ۾ شامل هوندس. ان کان اڳ صوبائي وزير ۽ پي پي پي ضلعي عمرڪوٽ جي صدر حاجي سيد علي مردان شاهه، منارٽي ونگ سنڌ جي صدر لال چند اڪراڻي، ڪنور ڪرن سنگهه، سيد سردار علي شاهه پڻ خطاب ڪيو . ان موقعي تي ايڊوڪيٽ ظفر علي لغاري فنڪشنل مسلم ليگ ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو . هولي واري تهوار ۾ اقليتي برادري پاران مختلف رسمون ادا ڪيون ويون، جنهن ۾ بلاول ڀٽوزرداري  سميت اسٽيج تي ويٺل  پي پي پي جي سموري قيادت کي هولي جا رنگ لڳائڻ، پٽڪو ٻڌڻ  کان علاوه  ڏانڊيا راند، مٽڪو راند، ڍول جي ٿاپ جي راند، مٽڪي ٽوڙڻ سميت مختلف قسمن جا رنگ اڇلايا ويا. ان موقعي تي ايڊوڪيٽ ظفر علي لغاري فنڪشنل مسلم ليگ ڇڏي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. جلسي ۾ وزير اعليٰ سنڌ ۽ پي پي پي سنڌ جي صدر سيد قائم علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهوڙو، اطلاعات کاتي واري صوبائي صلاحڪار مولا بخش چانڊيو ، صوبائي وزير خوراڪ سيد ناصر شاهه، صوبائي وزير مڪيش چاولا، صوبائي وزير دوست محمد راهمون، صوبائي وزير ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن گيانچند ايسراڻي، صوبائي وزير صحت ڄام مهتاب ڏهر، ايم اين ايز نواب يوسف ٽالپر، پير شفقت حسين شاهه جيلاني، پير سيد نور محمد شاهه جيلاني. فقير شير محمد بلالاڻي، ايم پي ايز خيرالنساء مغل، ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ، ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، نواب تيمور ٽالپر، روبينه قائمخاني،  سينيٽر هري رام ڪشوري لال، عاجز ڌامراهه، انجنئير گيانچند، قاسم سراج سومرو، خالد سراج سومرو، پي پي پي تعلقه صدر الهبچايو اسير، پي پي پي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هولي واري تهوار ۾ اقليتي برادري پاران مختلف رسمون ادا ڪيون ويون جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري  سميت اسٽيج تي ويٺل  پي پي پي جي سموري قيادت کي هولي جا رنگ لڳائڻ، پٽڪو ٻڌڻ  کان علاوه  ڏانڊيا راند، مٽڪو راند، ڊول جي ٿاپ جي راند، مٽڪي ٽوڙڻ سميت مختلف قسمن جا رنگ اڇلايا ويا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *