آمريڪا سان لاڳاپا وڌيڪ وڌائڻ ۽ معاشي شعبي ۾ تعاون کي هٿي وٺائڻ جو خواهشمند آهيون: نوازشريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ معاشي شعبي ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي اميد آهي ته هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تي نيوڪليئر سمٽ جي موقعي تي صدر اوبامه سان ٻطرفو لاڳاپن جي حوالي سان فائديمند ڳالهه ٻولهه ٿيندي ويراعظم نوازشريف آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل خميس تي وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي ان موقعي تي ٻطرفو لاڳاپن جي حوالي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجن لاڳاپن کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ معاشي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ جو خواهشمند اهي هن چيو ته منهنجي آمريڪا جي دوري دوران ٿيندڙ اهم فيصلن جي نتيجن ۾ ٻنهي ملڪن جا ٻطرفو لاڳاپا اڳيان وڌائڻ جي رفتار ۾ اضافو ٿيو آهي وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا اسٽريٽجڪ ڊائلاگ سميت هن وقت تائين حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جو پتو لڳائڻ ۾ مدد ملي آهي ۽ هن ڊائيلاگ سان 6 ورڪنگ گروپس جي تحت نون حدفن جي تعين جو موقعو مليو آهي هن چيو ته مان هلندڙ مهيني جي پڄاڻي تي آمريڪا ۾ ٿيندڙ نيو ڪيليئر سيڪيورٽي سمنٽ ۾ شرڪت جي موقعي تي صدر اوبامه سان ٻطرفو لاڳاپن جي حوالي سان مفيد ڳالهه ٻولهه لاءِ پراميد آهيان وزيراعظم محمد نوازشريف چيو ته افغانستان ۾ امن استحڪام ۽ ترقي سان پاڪستان کي به فائدو ٿيندو ان موقعي تي ڳالهائيندي آمريڪي سفير ڊيوڊ هيل افغانستان ۾ امن بحال ٿيڻ جي سلسلي ۾ پاڪستان جي ڪوششن کي واکاڻيو هن چيو ته 4 ملڪي ڳالهين سميت مختلف قدمن جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي آمريڪي سفير چيو ته هڪ پرامن افغانستان سڄي خطي جي فائدي ۾ آهن ملاقات دوران سيد طارق فاطمي به موجود هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *