افغان نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر جا غير ذميواراڻا بيان ٻڌي ڏک ٿيندو آهي: شاھھ محمود قريشي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان جا مقصد واضح آهن، اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا، افغان نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر جڏهن غير ذميواراڻا بيان ڏيندا آهن ته ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. افغانستان بابت ٿيندڙ ٽهه ملڪي اجلاس ۽ خطي جي صورحال تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته افغانستان مان پرڏيهي فوج جي نيڪالي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، 44 سيڪڙو آمريڪي ۽ اتحادي فوج افغانستان مان نڪري چڪي آهي، مڪمل نيڪالي لاءِ 11 سيپٽمبر جي تاريخ جو اعلان ٿيل آهي ۽ افغانستان هن وقت انتهائي نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ٽهه ملڪي اجلاس ۾ افغانستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون، مون افغانستان جي پرڏيهي وزير کي دعوت ڏني آهي ته هو پاڪستان اچي جيئن اسان افغان امن عمل، دوحا ۾ جاري ڳالهين ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جي حوالي سان وڌيڪ خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهون، هڪ پاسي پاڪستان جو ڪردار انتهائي مثبت آهي ۽ ٻئي پاسي افغان نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر جڏهن غير ذميواراڻا بيان ڏيندا آهن ته ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي، هنن کي خبر هئڻ گهرجي ته اِهي ناڪاري بيان سپلائزر جو ڪردار ادا ڪندڙن جي هٿن ۾هليا ويندا آهن. پرڏيهي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جا مقصد واضح آهن، اسان خطي ۾امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، اسان جومقصد هن خطي جو معاشي نظام مضبوط ڪرڻ ۽ روزگار ڏيڻ آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *