خييرپور ۾ مبينه مقابلو، 3 ڌاڙيل مارجي ويا، مقتولن جي وارثن مقابلو جڙتو قرار ڏئي ڇڏيو، احتجاج

مدئجي/خيرپور(رپورٽر/اين اين آءِ) سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مبينه مقابلو ٿي پيو جنهن دوران 3 ڌاڙيل مارجي ويا خيرپور پوليس موجب مقابلي ۾ مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان هٿيار به هٿ ڪي اويا آهن، ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ مطابق خيرپور جي تعلقي ڪنگري جي علائقي جتوئي جي حد ۾ ڌاڙي جي اطلاع تي پوليس رستو روڪ ڪئي. اتي موجود ڌاڙيلن پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪئي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ڌاڙيل وقار سولنگي، ڌڻي بخش ابڙو ۽ علي ڏنو ابڙو ٿڏي تي مارجي ويا مارجي ويل ڌاڙيلن وٽان ٻه ڪلاشنڪوف هڪ رپيٽر سميت ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن پوليس موجب مقابلي ۾ مارجي ويل ٽنهي ڌاڙيلن جي خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن ۾ ڏوهن جا ڪيترائي ڪيس داخل آهن ڌاڙيلن جا لاس پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايا ويا.  پيرڳوٺ جي علائقي برادي جتوئي ٿاڻي جي حد ۾ جڙتو مقابلو ڄاڻائي ماريل ٻن نوجوانن علي ڏنو ابڙو ۽ ڌڻِي بخش ابڙو جي جنازي نماز ڳوٺ تاجوديرو ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ علائقي جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي جنهن کانپوءِ کين اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جڏهن ته سندن وارثن سان عذرخواهي جو سلسلو هلندڙ آهي،ان سلسلي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوانن جي وارثن نسيم ابڙو،مشتاق ابڙو، راحب ابڙو،صبغت الله ابڙو، وڏيرو لطف ابڙو، رجب ابڙو ۽ ٻين دانهيندي چيوته اسان جي نوجوان شادي ۾ شرڪت لاءِ ويل هئا جتان پوليس کين گرفتار ڪيو ۽ اسان سان رابطو ڪري ٻنهي نوجوانن جي آزادي لاءِ 5 پنج لک روپيا گهريا جيڪي نه ڏيڻ تي هنن اسان جي ٻنهي نوجوانن مٿان پهريان سخت تشدد ڪيو جنهن کان پوءِ کين کڻي وڃي جڙتو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو آهي هنن وڌيڪ چيوته ٻنهي مقتولن جي مٿان هڪ به ڪيس داخل ناهي پوليس ناحق  کين قتل ڪيو آهي پوليس جي اهڙي ظلم خلاف عدالت سڳوري جو دروازو کڙڪائينداسين.هوڏانهن هڪ ئي ڳوٺ مان ٻن ڄڻن جا جنازا کڄڻ وقت سندن وارثن ۾ قهرام مچي ويو ۽ هراک آلي هئي..

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *