افغان صوبي بدخشان ۾ وڏي پوليس مرڪز تي طالبان قبضو ڪري ورتو ، 100 اهلڪار به هٿيار اڇلائي ويڙهاڪن سان ملي ويا

ڪابل:(م ڊ افغانستان جي صوبي بدخشان ۾ طالبان ويڙهاڪن پوليس مرڪز تي قبضو ڪري ورتو، جتي ٽن ڏينهن جي ويڙهه کانپوءِ 100 کان وڌيڪ پوليس ۽ بارڊر سيڪيورٽي اهلڪار به هٿيار ڦٽا ڪري طالبان ويڙهاڪن سان ملي ويا آهن.پرڏيهي ميڊيا مطابق افغانستان جي سيڪيورٽي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته طالبان ويڙهاڪن ملڪ جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ پوليس جي هڪ وڏي مرڪز تي قبضو ڪري ورتو آهي. ان بيس تي قبضي جي ويڙهه 3 ڏينهن تائين جاري رهي. بدخشان صوبي جي پوليس سربراهه جنرل بابا جان چيو آهي ته طالبان ڄاڻايل بيس تي قبضو ڪري ورتو ۽ 100 جي لڳ ڀڳ پوليس اهلڪارن ۽ سرحد تي مقرر آفيسرن به هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ طالبان سان گڏ جي ويا. ذريعن مطابق ويڙهاڪن ان پوليس بيس تي ڇنڇر جي رات قبضو ڪيو. مقامي پوليس جي سربراهه ۽ سرحدي اختيارين پڻ پاڻ کي طالبان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ويڙهڪان بيس تي لڳايل سمورو سامان ۽ اوزار به پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيا آهن.بصرن جو چوڻ آهي ته بدخشان صوبي ۾ قائم تيرگران پوليس بيس ڪيمپ انتها پسندن جي قبضي هيٺ اچڻ سان افغان فورسز کي اڳيان ايندڙ ڏکيائين جو اندازو ڪري سگهجي ٿو.ياد رهي ته آمريڪا ۽ نيٽو فورسز جي نيڪالي کانپوءِ افغانستان جي ڏورانهن علائقن ۾ قائم سيڪيورٽي بيس ڪيمپن ۽ چيڪ پوسٽن تي انتها پسندن جي حملن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته انهن حملن ۾ افغان سيڪيورٽي ادارن کي جاني نقصان به سهڻو پيو آهي.بدخشان جي صوبائي پوليس چيف جين بابا جان جو چوڻ هو ته تيز برسات جي ڪري ضلعي واردوج ۾ قائم پوليس ڪيمپ سان سندن رابطو ٽٽي پيو هو.بدخشان جي صوبائي ڪائونسل جي سربراهه عبدالله ناجي جو چوڻ هو ته گذريل 3 ڏينهن کان ويڙهه هلي رهي هئي، ان دوران ڪنهن به قسم جي مدد نه موڪلي وئي،جنهن ڪري انهن وٽ ٻيو ڪو به رستو نه هو ۽ هنن طالبان سان هٿ ملائي ڇڏيا.هوڏانهن.طالبان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هنن بيس ڪيمپ تي قبضو ڪري ورتو آهي، جتي مقامي بارڊر سيڪيورٽي سربراهه ۽ مقامي پوليس ڪمانڊر سوڌو 110 پوليس اهلڪار موجود هئا، پر اهو ناهي ٻڌايو ويو ته اهي پوليس اهلڪار طالبان سان ملي ويا آهن.واضع رهي ته بيس تي حملو گذريل مهيني ضلعي يمگان جي سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن تي سوين انتها پسندن جي حملي کانپوءِ سامهون آيو، جتان پوليس اهلڪارن کي قبضو ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *