خيبر ايجنسي ۾ پاڪ – افغان سرحد وٽ گاڏي تي آمريڪي ڊرون حملو،5 طالبان ويڙها مارجي ويا

پشاور(م ڊ)خيبر ايجنسي سان ڳنڍيل افغان علائقي چڪنور ۾ گاڏي تي آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ 5 طالبان ويڙها مارجي ويا، افعان سيڪيورٽي ذريعن مطابق پاڪ- افغان سرحد تي خيبر ايجنسي سان ڳنڍيل ضلعي لال پوره جي علائقي چڪنور ۾ آمريڪي جاسوس جهازطالبان ويڙهاڪن جي گاڏي کي نشانو بڻايو، جاسوس جهاز مان گاڏي تي ٻه ميزائل فائر ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 5 طالبان مارجي ويا، جڏهن ته گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي،ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊرون حملو طالبان جي ٿاڪ ڀرسان ڪيو ويو،جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ويڙهاڪ زخمي پڻ ٿيا آهن،  طالبان ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل طالبان جو تعلق مهمند ايجنسي سان هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *