افغانستان ۾ رهندڙ پنهنجي دوست ۽ عزيزن جي حوالي سان گهڻي پريشان آهيان : عرشي خان

ممبئي(شوبز نيوز)ڀارت جي مشهور ريئلٽي شو بگ باس سيزن 14 ۾ چيلينجز طور شرڪت ڪندڙ عرشي خان انڪشاف ڪيو آهي ته سندس واسطو افغانستان سان آهي ۽ اتي رهندڙ پنهنجي دوست ۽ عزيزن جي حوالي سان گهڻي پريشان آهيان.افغانستان ۾ طالبان جي مڪمل قبضي کانپوءِ عرشي خان هڪ انٽرويو ۾ اهڙي پريشاني جو اظهار ڪيو.هن چيو ته مان به هڪ افغان پٺاڻ عورت آهيان، افغانستان ۾پيدا ٿيس، ان کانپوءِ پنهنجي خاندان سان گڏ ڀارت لڏپلاڻ ڪري آيس، هاڻي طالبن جي قبضي کانپوءِ افغانستان جي عورتن ۽ شهرين جي حوالي سان گهڻي پريشاني ٿئي ٿي.عرشي خان چيو ته افغان شهرين ۽ ملڪ جي حالت ڏسي تڪليف ٿئي ٿي، ايتري تائين جو ماني به نٿي کائي سگهان.اداڪارا وڌيڪ چيو ته مان ۽ منهنجا گهر ڀاتي افغانستان جي لاءِ دعائون گهري رهيا آهيون ته الله تعاليٰ جلدي انهن جي مدد ڪري، اسان بي وس آهيون، دعائن کانسواءِ ٻيو ڪجهه نٿا ڪري سگهون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *