نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽرن طرفان پاڪستان جي دوري تي خدشا

لاهور(اسپورٽس نيوز) افغانستان تي طالبان قبض ٿيڻ بعد نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽرن پاڪستان جي دوري تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا آهن.ڪيوي ٽيم آڪلينڊ کان رواني ٿيڻ بعد بنگلاديش پهچي رهي آهي، جتي سيريز مڪمل ٿيڻ بعد ان کي پاڪستان جو رخ ڪرڻو آهي. مقامي ميڊيا رپورٽس موجب افغانستان ۾ طالبان جي قبضي بعد نيوزيلينڊ جا ڪرڪيٽر پاڪستان جي دوري جي حوالي سان ٻڏتر ۾ ورتل آهن. نيوزيلينڊ بورڊ جا سيڪيورٽي ايڪسپرٽ ايندڙ هفتي پاڪستان اچي رهيا آهن، جيڪي سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو وٺندا. نيوزيلينڊ ۽ پاڪستان وچ ۾ 17، 19 ۽ 21 سيپٽمبر تي راولپنڊي ۾ 3 ون ڊي ميچز جي سيريز کيڏڻي آهي. مهمان ٽيم جا رانديگر 25، 26 ۽ 29 سيپٽمبر، پهرين ۽ . آڪٽوبر تي لاهور پهچي ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ به حصو وٺندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *