افغانستان سان گڏ سڪيورٽي سميت سمورن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پرڏيهي وزير خواجا آصف چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو، پاڪستان افغانستان سان گڏ سڪيورٽي سميت سمورن شعبن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغان قيادت جي امن عمل جي حمايت ڪريون ٿا، پرڏيهي ترجمان موجب پرڏيهي وزير خواجا آصف جو افغان هم منصب سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي، ترجمان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن جو ويجهي سهڪار لاءِ رابطو رکڻ تي اتفاق ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *