خيبر پختونخواهه جو مڪاني نظام تاريخ جو سڀ کان موثر ۽ جديد نظام آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پي ٽي آئي جي چيرمين عمران خان چيو ته  ڪي پي ڪي ۾ صوبائي حڪومت غربت وڏي گھٽتائي آڻڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، اربع تي جاري بيان ۾ هن چيو ته نمائشي منبصوبن جي بدران غربت ۾ ڪي ڪي پي ڪي ۾ اسانجي ترجيح هئي. ڪيترن ئي قدمن سبب ڪي پي ڪي مان غربت ختم ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿي آهي. هن چيو ته قابليت ۽ اهليت جي بنياد تي نوڪرين سان صوبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيا. بهتر  تعليمي ادار ۽ سڌارن واري صحت جي نظآم ۽ غريبن جي لاءِ صحت ڪارڊ جاري ٿيڻ سان به ڪافي مدد ملي آهي. عمران خان چيو آهي ته ڏورانهن علائقن ۾ قائم ٿيل ننڍن پن بجلي گھرن مان عوام کي سستي توانائي ملندي. ان پن بجلي گھرن ۽ بلين ٽري منصوبن سان به عوام جي روزگار جا دروازا کليا، هن چيو ته عوام جي ڀلائي لاءِ اسانجي گڏيل منصوبابندي ڪامياب رهي  ۽ اسان صوبي مان غربت ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *