اطلاعات کاتي جا آفيسر عوامي ڀلائي جي منصوبن جي موثر تشهير ڪن: عبدالرشيد سولنگي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات کاتي واري سيڪريٽري عبدالرشيد سولنگي چيو آهي ته اطلاعات کاتو سنڌ حڪومت جي ترجمان جي حيثيت سان نهايت اهميت رکي ٿو ان ڪري آفيسرن تي ڳري ذميواري لاڳو ٿيندي آهي ته هو پنهنجا فرض محنت ۽ دل سان ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات کاتي جو چارج سنڀالڻ بعد ڊائريڪٽرن جي تعارفي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات غلام الثقلين به ان موقعي تي موجود هو. هن چيو ته صوبائي حڪومت جي سمورن کاتن جي عوامي ڀلائي واري اسڪيمن جي تشهير بهتر انداز ۾ ڪئي وڃي ته جيئن عوام کي ان بابت صحيح آگاهي ملي سگھي. هن چيو ته اطلاعات کاتي ۾ بدعنواني ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي ۽ بدعنواني جي شڪايت کي ڪنهن به صورت نظرانداز نه ڪيو ويندو. هن چيو ته تمام جلد صوبائي سطح تي انفارميشن ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي. هن چيو اسان سڀني کي گڏجي کاتي جي نيڪ نامي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته هو ٽيم ورڪ تي يقين رکي ٿو انڪري هر ڊائريڪٽر، آفيسر ۽ ملازم منهنجي ٽيم جو حصو آهي. هن وڌيڪ چيو ته کاتي جي  آفيسرن جي مسئلن جي حل لاءِ هرممڪن اُپاءَ ورتا ويندا. پر آفيسرن کي به پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻ گھرجي ۽ خاص ڪري دفتري وقت جي پابندي ڪئي وڃي. سيڪريٽري اطلاعات چيوته کاتي جي ترقياتي اسڪمين کي جلد از جلد ۽ معياري تڪميل جي لاءِ هرممڪن اُپاءَ ورتا وڃن. هن چيو ته آفيسرن کي دفترن جي فراهمي لاءِ به اُپاءَ ورتا ويندا. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل اطلاعات غلام الثقلين صوبائي سيڪريٽري کي کاتي جي ڪمن جي باري ۾ بريفنگ ڏني ان موقعي تي ڊائريڪٽر پبليڪيشن ذوالفقار علي شاھ، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن محمد سليم خان، ڊائريڪٽر ايڊمن ۽ اڪائونٽس اختر سورهيو، ڊائريڪٽر فلمز محمد شبيح صديقي، ڊائريڪٽر پريس امتياز جويو، ڊائريڪٽر ليگل عزيز احمد هڪڙو، ڊائريڪٽر اشتهارات عظيم شاھ، ڊائريڪٽر اليڪٽرونڪ ميڊيا ذوالفقار شيخ، ڊائريڪٽر ميرپورخاص ڊويزن حزب الله ميمڻ ۽ سيڪشن آفيسرن نذير احمد ۽ اسلم پٺاڻ به موجود هئا.       

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *