جيڪو وڌيڪ چور چور شور ڪري رھيا ھئا، اڄ پينڊورا پيپرز ۾ سڀ کان وڌيڪ چور انھن جا آھن: مولانا فضل الرحمان

ڪراچي(م.ڊ) مخالف ڌر جي پارٽين جي حڪومت مخالف اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراھھ مولانا فضل الرححمان چيو آھي تھ جيڪو وڌيڪ چور چور شور ڪري رھيا ھئا، اڄ پينڊورا پيپرز ۾ سڀ کان وڌيڪ چور انھن جا آھن پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ھو تھ پاناما کانپوءِ ھاڻ پينڊورا ليڪگ کلي ويو آھي، بيورو ڪريٽس ۽ عمران خان ڪابينا بھ انھي ليڪس ۾ شامل آھي، جيڪو وڌيڪ چور چور ڪري رھيا ھئا، اڄ پينڊورا ۾ سڀ کان وڌيڪ چور انھن جا آھن. مولانا فضل الرحمان جو چوڻ ھو تھ ڌانڌلي سبب آيل حڪومت ايندڙ چوندن ۾ سڌارن جي ڳالھھ ڪري رھي آھي، چورن جي ھٿن مان چونڊ سڌارا قبول نھ ڪنداسين

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *