اصولن جي سياست ڪئي يوٽرن ناهي ورتو، جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي اسان ٽن آمرن کي گهر موڪليو : بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) افغان معاملن بابت آمريڪي سفير زلمي خليل آزاد جي پاڪستان جي دوري بابت گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي ته مفاهمت عمل جو مقصد اهو آهي ته افغانستان مستقبل ۾ ڪڏهن به عالمي دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿي سگهي. پڌرنامي موجب زلمي خليل آزاد وزيراعظم، پرڏيهي وزير، پرڏيهي سيڪريٽري، آرمي چيف ۽ ڪيترن ئي سفيرن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ هن مسئلي جي سياسي حل لاءِ آمريڪي عزم جي واکاڻ ڪئي. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته مفاهمتي عمل جو مقصد اهو آهي ته افغانستان مستقبل ۾ ڪڏهن به عالمي دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿي،  40 سالن جي وڳوڙن جي خاتمي لاءِ خطي جي سڀني ملڪن کي فائدو ٿيندو. آمريڪي خاص نمائندو زلمي خليل زاد دورو مڪمل ڪري خاص جهاز ذريعي ڪابل روانو ٿي ويو آهي.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *