پي ٽي ايم اها حد پار نه ڪري جتي رياست کي زور لڳائڻو پئجي وڃي: پاڪ فوج جو ترجمان

راولپنڊي (اين اين آءِ) آٰءِ ايس پي آر جي ڊي جي ميجر جنرل آصف غفور پشتون تحفظ موومينٽ ( پي ٽي ايم ) کي خبردار ڪيو آهي ته اها اهڙي حد نه اورانگهي جو ڪو رياست کي پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پون، سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا گهٽجي ويا آهن، وقت ويجهو آهي، اسان مڪمل امن قائم ڪري وٺنداسين، ايندڙ سال پاڪ افغان بارڊر تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو ڪم مڪمل ٿي ويندو جنهن سان صورتحال بهتر ٿي ويندي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن بابت ٻن هنڌن تان شڪايتون مليون، ڪل 7 هزار ڪيس آيا، اٽڪل 4 هزار ڪيس حل ٿي چڪا آهن، ڪرتارپور راهداري رڳو ون وي هوندي، ڀارت مان سک ياتري ايندا ۽ واپس هليا ويندا، ڪرتارپور رستي تي ڪنڊيدار تارون لڳايو وينديون، ڀارت اسان کي ائين برداشت ڪري جيئن آهيون، اسان مسلمان رياست آهيون، ڀارتي آرمي چيف اسان کي نه ٻڌائي، اسان کي ڪيئن هجڻ گهرجي، اسان ڄمي بيٺا آهيون، جيڪڏهن ڀارت اڳرائي ڪندو ته کيس منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو، هلندڙ سال ڪنٽرول لائين تي سيز فائر جون 2593 ڀڃڪڙيون ٿيون جنهن سبب 55 شهري شهيد ۽ 3 سئو زخمي ٿيا، افغانستان ۾ جنگ ۾ ايتري ڪاميابي نه ملي جيتري پاڪستان حاصل ڪئي، آمريڪا خواهش ڪري رهيو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن نموني ڳالهيون ٿي وڃن، جيترو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا ڪنداسين، 70 سال گذري ويا هاڻ به عوام کي ٻڌائي رهيا آهيون ته اسان نازڪ دور مان لنگهي رهيا آهيون، هي نازڪ دور ڇو آيا ۽ ان جو ذميوار ڪير آهي، اسان ماضي کي نه ڇڏيو ته اڳتي نه وڌي سگهنداسين، پاڻ کي ٺيڪ ڪنداسين تي اڳتي ڪجهه ٿي سگهندو، ڪو ئي شڪ نه آهي ڪنهن ٻئي جي جنگ ٻيهر نه وڙهنداسين، پاڪ فوج جو تعلق هڪ پارٽي، ماڻهو يا هڪ صوبي سان نه آهي، وزيراعظم جي سموري ڳالهه ٻولهه کي ٻڌڻو پوندو، ميڊيا رڳو 6 مهينن لاءِ پاڪستان جي ترقي ڏيکاري، بلوچستان ۾ امن جي صورتحال ماضي کان بهتر آهي، ملڪ کي هڪ هڪ سر رکي ٻيهر ٺاهي رهيا آهيون، اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا جتي آئين موجب قانوني حڪمراني هجي، خميس تي ميڊيا کي ڄاڻ ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پي ٽي ايم وارا ان لائين ڏانهن وڌي رهيا آهن جتي انهن سان اهو ئي ٿيندو جيڪو رياست پنهنجي رٽ برقرار رکڻ لاءِ ڪندي آهي ۽ اسان ڪنداسين، چيڪ پوسٽون گهٽائڻ جي مطالبي جي حوالي سان هن چيو ته پاڪ فوج صورتحال بهتر ٿيڻ تي چيڪ پوسٽون گهٽايون آهن، ايندڙ سال پاڪ افغان بارڊر تي ڪنڊيدار تار لڳائڻ جو ڪم مڪمل ٿي ويندو، هن چيو ته جنهن ڏينهن فوج کي ائين محسوس ٿيندو ته هتي سيڪيورٽي صورتحال اهڙي ٿي وئي آهي ته جو هتي هڪ چيڪ پوسٽ جي ضرورت نه آهي ته ان کي هٽايو ويندو. هن چيو ته اسان پنهنجي پاران گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، هتي اڏاوتي ڪم به شروع ٿي ويو آهي پر افغانستان جو پنهنجن دهشتگردن تي سرحد تي ۽ سرحدي علائقن تي ڪو ڪنٽرول نه آهي جنهن مان پاڪستان کي خطرو آهي ۽ ان ڪري هن علائقي ۾ 2 لک فوج مقرر آهي. ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ٻن سالن دوران 4 سئو آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ٿي، هڪ فوجي آفيسر کي 10 هزار رپين جي ڪرپشن تي گهر موڪليو ويو، اسان جي پهرين خواهش هوندي آهي ته غلطي نه ٿئي، ڪرپشن هجي يا موڪل وٺڻ کانسواءِ وڃڻ تي به سزا هوندي آهي، سزا مليلن ۾ هر رينڪ جو آفيسر شامل آهي، کين جيل موڪليو ويو، سروس مان نيڪالي ۽ جيل جي حد تائين پاڪ فوج ۾ سزا هوندي آهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي آپريشن لاءِ حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي، گذريل 3 سالن ۾ 22 سئو ڀڳوڙا قومي ڌاري ۾ شامل ٿيا، انهن هٿيار ڦٽا ڪيا، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال ماضي کان بهتر آهي، ڪراچي بابت هن چيو ته ڪراچي ۾ 99 سيڪڙو ڏوهه گهٽجي ويا آهن ۽ رينجرز 9 سالن کان قربانيون ڏئي امن قائم ڪيو آهي، شهر ۾ ڪاروبار تيزي سان بحال ٿي چڪو آهي ۽ سيڙپ ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *