اشتهارن لاءِ رنگ ڀورو نٿي ڪري سگهان: ماڊل مشڪ ڪليم

لاهور (شوبز نيوز) ماڊل مشڪ ڪليم ملڪ ۾ سانوري يا ڪڻڪ رنگي عورت جي مقابلي ۾ ڀوري رنگ جي ڇوڪرين کي ترجيح ڏيڻ جي معاملي تي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 35

ڳالهائيندي واضح ڪيو آهي ته سندس سڃاڻ ئي سانورو رنگ آهي. مختلف فيشن ويڪس ۾ ڪيتريون ئي برانڊز متعارف ڪرائيندڙ ماڊل مشڪ ڪليم انسٽاگرام پوسٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته سندس رنگ جي ڪري ڪپڙن جي ڪجهه برانڊز کي مسئلو آهي. ماڊل اهو به انڪشاف ڪيو ته ڪپڙن جون برانڊز مشهوري اشتهارن ۾ فوٽو شاپ ذريعي سندس سانوري رنگ کي ڀورو ڪري رهيون آهن. پوسٽ ۾ مشڪ ڪيلم واضح ڪيو ته سندس سڃاڻ سانورو رنگ جي ماڊل طور آهي، جنهن تي کيس فخر آهي. ماڊل فوٽو شاپ ذريعي رنگ ڀورو ڪندڙ برانڊز کي صلاح ڏني ته اهي رنگ تبديل ڪرڻ بدران ٻي ماڊل جون خدمتون حاصل ڪن، اداڪاره وڌيڪ لکيو ته کيس بنا ڪنهن سبب جي ڀورو ٿيڻ جو شوق ناهي، هوءَ سانوري رنگ مان خوش آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *