اسلامو فوبيا نسل پرستي ۽ مذهبي نفرت جي بدترين شڪل آهي: مليحا لوڌي

نيو يارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير ڊاڪٽر مليحا لوڌي چيو آهي ته اسلامو فوبيا نسل پرستي ۽ مذهبي نفرت جي بدترين شڪل آهي.  گڏيل قومن ۾ خطاب ڪندي مليحا لوڌي چيو ته اسلامو فوبيا نسل پرستي ۽ مذهبي نفرت جي بدترين شڪل آهي. هن چيو ته اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته دنيا ۾ ڊجيٽل ٽيڪنالوجي جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي، سوشل ميڊيا تي نفرت جوڳا پيغام پکيڙڻ جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. مليحا لوڌي چيو ته  سوشل ميڊيا کي تشدد جو حوصلو وڌائڻ جي پليٽ فارم طور استعمال نه ٿيڻ ڏنو وڃي، جڏهن ته اڪثر ملڪن ۾ سياسي ۽ چونڊ فائدي لاءِ نفرت جوڳيون تقريرون ڪيون وينديون آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *