اسڪول ۾ ڪيل بدسلوڪي جا اثر اڄ به قائم آهن: سني ليون

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي اداڪاره سني ليون جو چوڻ آهي ته ڪينيڊا ۾ گذاريل ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ اسڪول ۾ ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويو، اسڪول ۾ ٻار منهنجي رنگ، وارن ۽ ڪپڙن سبب تنگ ڪندا هئا.ڀارت جي مسهور اداڪاره ڪرنجيت ڪور عرف سني ليون سک گهراڻي ۾ پيدا ٿي، اداڪاره پنهنجي ڀاءُ سان گڏ اتي پرورش ورتي ۽ ننڍي عمر دوران آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪئي. ڀارتي ميديا کي ڏنل انٽرويو ۾ سني ليون جو چوڻ هو ته مون کي ان سطح تي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ناهي ويو ته جهڙي طرح ماڻهو سوچيندا آهن ته ڪجهه ماڻهن مون کي گهٽ وڌ چيو، مان سانوري رنگت، ٻانهن ۽ پيرن تي  گهرن ڪارن وارن واري عام ڀارتي ڇوڪري هئس. جنهن جي ڪپڙن جي ڊريسنگ سٺي نه هئي جنهن سبب مون سان اسڪول ۾ برو سلوڪ ڪيو ويو جيڪو هڪ مذاق نه هو. اداڪاره موجب بالغ هجڻ تي به ان تجربي جا منفي اثر مون تي قائم رهيا. ان دوران ڪجهه خراب سلوڪ سڄي زندگي مون کي محسوس ٿيندا رهيا آهن جيڪو هڪ سٺو احساس نه هو.ياد رهي ته ان کان اڳ ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ سني ليون کيتهولک اسڪول ۾ داخلا بابت به ڳالهيون ڪري چڪي آهي ڇو ته اداڪاره جي والدين کي ڊپ هو ته جيڪڏهن سني ليون کي ايڊميشن ڪنهن پبلڪ اسڪول ۾ ڪرايو ويو ته اتي ان کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو ويندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *