هڪ سال تائين سبجيڪٽ وٺڻ تي پابندي خلاف قائد عوام يونيورسٽي جو پروفيسر سجاد سنديلو عدالت پهچي ويو

نوابشاهه (م.ڊ) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾  ميٿيڪس جي ليڪچرار پروفيسر ڊاڪٽر سجاد  سنديلو  تي  ھڪ سال لاءِ يونيورسٽيءَ ۾  سبجيڪٽ نه وٺڻ جي پابندي لڳائي وئي، ليڪچرار پروفيسر ڊاڪٽر سجاد سنديلو ھائي ڪورٽ حيدرآباد جي عدالت پهچي ويو ، عدالت سڳوري سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊ . وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون، رجسٽرار، ڪنٽرولر ۽  چيئرمين ايگزمنشين . سميت اٺن ڄڻن کي  نوٽيس جاري ڪيا ويا ايندڙ 26 جنوريءَ تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو، سجاد سنديلو جو چوڻ هو ته مون ميٿيڪس ۾ 53   شاگردن مان 13 کي  ميرٽ تي پاس ڪيو 40  فيل ٿيا ، منھنجي رزلٽ ۾ وائيس چانسلر  چئيرمين سميت انتظاميا ڦير ڦار ڪري 35 ڄڻن فيل ٿيل شاگردن کي پاس ڪري ڇڏيو، فيل ٿيل شاگردن کي من پسند  ھوندي پاس ڪيو ويو مون احتجاج ڪيو جنهن تي مون تي غير قانوني  سال جي بندش لڳائي وئي آهي، انصاف نه ملڻ تي آخر ڪار عدالت سڳوري جو دروازو کڙڪايو آهي، عدالت مان انصاف جي اميد آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *