اسلام آباد ۾ مستقل ڌرڻو نه هڻنداسين، حڪومت کي هٽائڻ لاءِ آئيني طريقو اختيار ڪبو: سعيد غني

ڪراچي (م.ڊ) صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسلام آباد ۾ مستقل ڌرڻو نه هڻنداسين، ان سان عوام جي نفرت ۽ پريشاني جو اظهار ڪيو ويندو، حڪومت کي هٽائڻ لاءِ آئيني طريقو اختيار ڪيو ويندو، ڪراچي ۾ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي طرفان ڪراچي کان شاندار مارچ ڪڍيو ويندو، اسلام آباد پهچنداسين ته مارچ ۾ لکين ماڻهو هوندا، هن چيو آهي ته ٻين پارٽيز کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اُهي مارچ ۾ اسلام آباد وڃن ٿيون يا نه، سمورين جماعتن ۾ اتفاق بعد بي اعتمادي رٿ آڻي سگهجي ٿي، هن چيو آهي ته بلاول تي تنقيد ڪندڙ عمران خان پاڻ 70 سالن ۾ سياست نه سِکي سگهيو آهي، هن چيو ته 27  فيبروري جون تياريون جاري آهن، ڪراچي کان شاندار مارچ ٿيندو، مارچ ۾ ڪراچي مان وڏي انگ ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا، جيئن جيئن مارچ ڪراچي کان اڳتي وڌندو، تيئن وڌيڪ ماڻهو شرڪت ڪندا

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *